اشفاق انصاري

اشفاق انصاري

اشفاق انصاري

اشفاق انصاري: اشفاق انصاري نامور اديب، انيس انصاريءَ جو فرزند آهي، هن 4 فيبروري 1953ع تي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. گرئجوئيشن تائين تعليم حاصل ڪيائين. سندس پرورش ادبي ماحول ۾ ٿي، جنهنڪري کيس ڪتابن پڙهڻ ۽ لکڻ جو شوق پيدا ٿيو. ادبي زندگيءَ جي شروعات 1968ع کان اخبارن ۾ مضمونن لکڻ سان ڪيائين. سندس پهرين ڪهاڻي 1970ع ۾ ڇپي. سندس ويهه کان مٿي ڪهاڻيون سنڌ جي مختلف رسالن جهڙوڪ: مهراڻ، برسات، سوجهرو، سنگت، اديون ۽ ڊائجسٽ ۾ ڇپيون آهن.
اشفاق انصاريءَ جو هڪ ڊرامو ’پاتال‘ پي. ٽي. وي تي
بيدل مسرور جي ڊائريڪشن سان ٽيليڪاسٽ ٿيو، هن انگريزي ادب
مان ڪجهه ڪهاڻين جا ترجما به ڪيا آهن، جن کي ڪافي ناماچاري ملي آهي. ني ڪجهه عرصو شاعري به ڪئي.
اشفاق انصاري نوڪري جي شروعات فوٽوگرافر طور ڪئي. NADRA ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر طور سنڌ، بلوچستان ۽ اسلام آباد ۾ خدمتون انجام ڏنائين. والد وانگر 35 سالن کان ذاتي ڊائري لکندو اچي. هن وقت پنهنجي جيون ڪٿا پڻ لکي رهيو آهي. سندس خاندان جي فردن ۾ مشتاق انصاري، اشتياق انصاري، اخلاق انصاري، اسحاق انصاري
۽ شبنم گل پڻ ادبي سڃاڻپ رکن ٿا. هن جي ڪهاڻين جو ڪتاب ’پاتال‘ ۽ جيون ڪٿا ’منهنجي ڪهاڻي‘ زير اشاعت آهن.


لفظ اشفاق انصاريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1953.02.04  عيسوي

اشفاق انصاري نامور اديب، انيس انصاريءَ جو فرزند آهي، هن 4 فيبروري 1953ع تي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رياضت ٻرڙو
پروين موسيٰ ميمڻ
رحيمداد مولائي شيدائي
حجاب امتياز علي
سليم سولنگي
سمرسيٽ ماهم
خير محمد ٻرڙو سيوهاڻي
ابراهيم سنڌي ڊاڪٽر
عثمان علي انصاري
لڇمڻ خوبچنداڻي
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون